ديوان حامد

ديوان حامد (ڪتاب): ديوان حامد ٽکڙ جي شاعر حاجي حافظ حامد ميمڻ تخلص حامد جي سنڌي غزلن جو مجموعو آهي. حافظ حامد، ننڍي هوندي ماتا جي منحوس بيماريءَ سبب نابين ٿي ويو، پر هن همت نه هاري ۽ محنت سان پڙهي ديني توڙي دنيوي تعليم حاصل ڪيائين. هن جو حافظو ايترو ته تيز هو، جو ڪتابن جا صفحن جا صفحا هڪ ڀيري ٻڌڻ سان ئي ياد ٿي ويندا هئس. ڊاڪٽر اياز حسين قادري ڪتاب ’سنڌي غزل جي اوسر‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”حافظ حامد پنهنجي دور جو ناميارو شاعر هو، سندس همعصر شاعر هن کي نهايت ئي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. حامد کي شاعريءَ جي ڏات مليل هئي. ۽ هن اها ڏات سنڌي غزلن جي سونهن کي سنوارڻ تي صرف ڪئي. حامد پارسي لفظن ۽ ترڪيبن کان پاسو ڪري، سنڌي غزل کي ديسي رنگ ۾ روشناس ڪرايو. سندس غزل رديف مطابق الف. ب وار ترتيب سان رکيل آهن. سندس ديوان ’ارمغان حامد‘ (ديوان حامد) جي نالي سان 1965ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.


لفظ ديوان حامدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو